اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي آفيس ۾ جمهوريه ترڪيه جي ??رڏيهي وزير هاڪان فيدان سان جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو پنهنجي ??اڪستاني هم منصب جي دعوت تي اسلام آباد جي سرڪاري د??ري تي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ واپار، س??ڙپ??اري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي و??يڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ ستين اجلاس جي تيارين جو پڻ جائزو ورتو. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ظلوم عوام جي ??اءِ ترڪيه جي ??ضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. هن اتر قبرص جي عوام جي جائز حقن جي ??اءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ پڻ ڪيو. بيان موجب ٻنهي وزيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي خاص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي ۽ محصور فلسطيني عوام جي ??اءِ فوري انساني امداد جي ??راهمي جي ضرورت تي زور ڏنو. هن وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي ??اءِ هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي ضرورت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسلامو فوبي?? جو مقابلو ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان کي جامع انداز ۾ حل ڪرڻ جي ??وري ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب پاڪستان ۽ ترڪيه تاريخ، ثقافت ۽ مذهب سان واڳيل دوستي ۽ ڀائيچاري جي خصوصي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن جڏهن ته باقاعدگي سان ڳالهه ٻولهه ۽ اعليٰ سطح جي د??رن جي ??ٽاسٽا پاڪستان ۽ ترڪيه جي ??ضبوط ٻطرفن لاڳاپن جي سڃاڻپ آهي.