اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 10 هين هنگامي خصوصي اجلاس ۾ فل??طي?? کي گڏيل قومن جي مڪمل ميمبر طور تي تسليم ڪرڻ جي تاريخي مطالبي جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي تر??مان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قرارداد ۾ طئي ڪيو ويو ته فل??طي?? گڏيل قومن جي ميمبرشپ جي لاءِ اهل آهي ۽ سلامتي ڪائونسل کي ان معاميل تي بهتر طريقي سان غور ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. تر??مان چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن ۾ فل??طي?? جي داخلا تي پنهنجو اعتراض ختم ?? انهن خاطرين جي ساک بحال ڪري جيڪي ٻه رياستي حل جي حمايت ۾ ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته ان قرارداد جي منظوري فل??طي??ي عوام جي خلاف تاريخي ناانصافين جي ازالي طرف هڪ جزوي پر اهم قدم آهي. تر??مان اميد ظاهر ڪئي ته اهو 4 جون 1967ع جي سرحدن سان گڏ هڪ قابل عمل ۽ لڳولڳ فل??طي??ي رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ امن عمل جي بحالي ۾ سهولت فراهم ڪندو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هوندو.