اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ ا??له تارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌم??ڪي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي محمد صديق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ?? افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد صديق مينگل هڪ باصلاحيت صحافي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته محمد صديق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڌم??ڪي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن ک?? قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته خضدار پريس ڪلب جي صدر جي مارجڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ?? برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته ا??له تعاليٰ محمد صديق مينگل م??حوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير ڌم??ڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.