اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ملڪ جي جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ويليو ايڊيڊ مصنوعات جي برآمد سان پاڪستان کي قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد مل?? سگهي ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترقي جي حوالي سان ايوان صدر ۾ ٿيندڙ اجلاس دوران ڪيو. پاڪستان جيمز اينڊ جيولري ڊيولپمينٽ ڪمپني (پي جي جي ڊي سي) جي چيف ايگزيڪيوٽو آڦيسر محمد عالمگير چوڌري ۽ سينيئر سرڪاري آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته عالمي ??واهرات ?? زيورن جي مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ ج?? لاءِ پاڪستان جي قيمتي پٿرن جي مصنوعات جي بهتر مارڪيٽنگ ۽ تشهير جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي جواهرات ?? زيورن جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت آهي، ملڪي ترقي ج?? لاءِ جيمز ۽ جيولري جي شعبي مان ڀرپور فائدو کڻڻو پوندو، جيمز اينڊ جيولري ۾ سيڙپڪاري ج?? لاءِ غيرملڪي ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته غيرملڪي سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ، مقامي ??بادي ج?? لاءِ روزگار جا موقعا کولڻ ۾ مدد مل??دي. آصف علي زرداري جواهرات ۽ جيولري جي شعبي ۾ تنوع آڻڻ ۽ صنعتن جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته مقامي ??فرادي قوت جي تربيت ۽ هنرمندي ۾ اضافي تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته مل??ڪ جواهرات ۽ جيولري جي شعبي جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پوندو، قابل قدر مصنوعات جي برآمدات سان پاڪستان قيمتي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. پي جي جي ڊي سي جي سي اي او اجلاس کي جيمز اينڊ جيولري سيڪٽر جي ترق?? لاءِ اسٽريٽجڪ پلان بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ مختلف چئلينجز ۽ موقعن کي اجاگر ڪيو.