اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي معيشت جي ترقي جي ??اءِ 5 سالا معاشي ر??ڊ ميپ تي معيشت جي ??ختلف شعبن جي سمورن ڌرين سان عملدرآمد جي ??اءِ مشاورت ڪئي وڃي، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي ??اءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ 5 سالا معاشي ر??ڊ ميپ تي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪي معيشت جي ترقي جي ??اءِ ايندڙ 5 سالن جو معاشي ر??ڊ ميپ پيش ڪيو ويو. مهانگائي ۾ گهٽتائي، غربت جي خاتمي ۽ روزگار جي ??راهمي ر??ڊ ميپ جو حصو آهن. وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چيو ته معيشت جي ??ختلف شعبن جي سمورين ڌرين سان ان پلان تي عملدرآمد جي ??اءِ مشاورت ڪئي وڃي، وقت ضايع ڪرڻ کانسواءِ ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي ??اءِ منصوبن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انهن منصوبن جي حوالي سان عملدرآمد جو شيڊيول ٺاهي پيش ڪيو وڃي. هن چيو ته زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ٻاهرئين سيڙپڪاري، ننڍي ۽ وڏي پئماني جي صنعتن جي ترقي جي صلاحيت ۾ اضافي جي ??اءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، حڪومتي خرچن کي گهٽ ڪنداسين، غريب عوام جي ??ئسي کي وڌيڪ ضايع ٿيڻ نه ڏيندس. هن چيو ته ايندڙ 5 سالن ۾ ملڪي معيشت کي استحڪام ڏئي ان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي، ڊيجيٽلائيزيشن ۽ جدت سان اوڳاڙيون وڌائينداسين. وزيراعظم چيو ته زرعي شعبي ۾ به جدت سان في ايڪڙ پيداوار و??ائينداسين، نقصان ۾ هلندڙ حڪومتي ادارن جي ترجيحي بنيادن تي نجڪاري ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، ??حم?? اورنگزيب، احد خان چيما، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪي معيشت جي ترقي جي ??اءِ ر??ڊ ميپ ۽ اهم شعبن ۾ تجويز ڪيل قدمن جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بجلي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ، برآمدي شعبي، وچولي ۽ ننڍي پئماني جي صنعت، ٽيڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري جي حوالي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم انهن تجويز ڪيل قدمن تي سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري هڪ ٺوس پلان جوڙڻ جي ??دايت ڪئي.