اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? آهي ته پاڪستان پنهنجي ??ومي سلامتي ۽ علائقائي سالميت تي ٺاهه نه ڪندو، پنهنجي سرزمين جي دفاع لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻنداسين. ايوان صدر جي ??ريس ونگ پاران جاري بيان موجب ايران جي سيستان ۽ بلوچستان صوبي ۾ پاڪستان جي ڪارروائي تي پنهنجي بيان ۾ صدر ايراني شهرين کي جاني نقصان کان بچائيندي دهشتگردن جي ??ڪاڻن کي نشانو بڻائڻ تي هٿياربند فوج جي ??يشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ چي?? ته دهشتگردي ه?? گڏيل چئلينج آهي، ان جي خاتمي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چي?? ته پاڪستان سڀني رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو ۽ ٻين ملڪن مان به اها ئي اميد رکي ٿو ته اهي عالمي قانونن جي خلاف ورزي نه ڪن. صدر چي?? ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر ملڪ آهن، مسئلن کي ڳالهين ۽ گڏيل مشاورت سان حل ??رڻ جي ضرورت آهي.