راولپنڊي-16 جنوري (اي پي پي) پاڪ فو?? جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جي دفاع کي يقيني ۽ مضبوط بنائڻ لاءِ اسان پاڻڀري ۽ جديد ٽيڪنالاجي لاءِ ڪم جاري رکنداس??ن. ??ومي ترقيءَ جو رستو پي او ايف و??هه جهڙي مقامي صنعتن سان ڳنڍيل هوندو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهڙو اظهار هن پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي دؤري جي ??وق??ي تي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف کي پي او ايف جي پيداواري صلاحيت، پاڪستان جي هٿياربند فو?? جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ ان جي سهڪار ۽ برآمدي صلاحيت بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف پي او ايف مصنوعات جي وسيع رينج جو مشاهدو ڪيو جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ ٽرائلز تحت مقامي طور تي ڊزائين ۽ تيار ڪيل نَوان هٿيار ۽ بارود شامل آهن. پي او ايف آفيسرن ۽ عملي کي خطاب ڪندي آرمي چيف پي او ايف کي پاڪستان جي اهم دفاعي صنعت بنائي ملڪي سلامتي ۽ معيشت ۾ ان جي ڪ??دار کي ساراهيو. ان کان اڳ چيئرمين پي او ايف و??هه آرمي چيف جي آجيان ڪئي.