اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ سمورن ضروري وسيل?? جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب ملاقات ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان ڪميش?? جي تيارين تي بريفنگ ڏني. چيف اليڪشن ڪمشنر نگران وزيراعظم کي عام چونڊ?? جي تياري جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن کي ملڪ ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون ۽ شفاف چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي ۽ سمورن ضروري وسيل?? جي فراهمي يقيني بڻائيندي.