اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ جي پهرين وزيراعظم ??ائد ملت نوابزاده لياقت علي خان جي 72 هين ورسيءَ جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو ايثار، سادگي ۽ شائستگي جي علامت هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ جي پهرين وزيراعظم ??وابزاده لياقت علي خان قائداعظم ??حمد علي جناح ۽ ٻين پاڪستانين جي ب??نين سان گڏجي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جي قيادت ڪئي. هو ايثار، سادگي ۽ شائستگي جي علامت هو. اڄ جي ڏينهن 1951ع ۾ کيس شهيد ڪيو ويو هو. اڄ اسان نوابزاده لياقت علي خان جي ورسي??َ ملهائي رهيا آهيون. نوابزاده لياقت علي ويزن جي ويزن ۽ ڪارنامن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ گهرجي.