اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ??نوارالحق ڪاڪڙ سان توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ??وي???? جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت بلوچستان ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ معدنيات جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ جي قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم کي ملڪ ۾ بجلي جي شعبي جي سڌارن ۽ بجلي چور?? جي خلاف آپريشن تي پڻ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. نگران وزيراعظم ??جلي چور?? جي خلاف آپريشن تي توانائي واري وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي قدمن کي ساراهيو.