اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) ??اڪ??تان ۾ چين جي نئين سفير جيانگ زيدونگ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ سدابهار دوستي کي وڌائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته چين مسلسل 8 سالن کان ??اڪ??تان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، چين جي ترقي بنا شڪ جي سهڪار جا نوان موقعا پيدا ڪندي. بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو ۽ چين ??اڪ??تان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي 10 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته چين ۽ ??اڪ??تان جبلن ۽ دريائن سان جڙيل آهن ۽ سفارتي لاڳاپن جي قيام کانپوءِ گذريل 72 سالن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار دوستي قائم رهي آهي، چيني سفير چيو ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي ته عالمي حالتون ڪهڙيون به هجن چين ۽ ??اڪ??تان سدائين ڏک ۽ تڪليف ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيا آهن، ٻنهي ملڪن هڪٻئي کي تعاون فراهم ڪيو ۽ لوهي دوستي قائم ڪئي آهي، چيني سفير ياد ڏياريو ته اپريل 2015ع ۾ چين جي صدر شي جن پنگ ??اڪ??تان جو تاريخي دورو ڪيو جنهن ۾ ڌرين ??اڪ چين ٻطرفي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري تائين وڌايو ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي ترقي ۾ هڪ نئين باب جو آغاز ڪيو، هن چيو ته ان کانپوءِ صدر شي جن پنگ ڪيترائي ڀيرا ??اڪ??تاني اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ڌريون اهم اتفاق راءِ تي پهتيون آهن جيڪي ٻطرفن لاڳاپن جي ترقي لاءِ بينادي اصول ۽ ايڪشن گائيڊ لائنز فراهم ڪري ٿو، جيانگ زيدونگ چيو ته چين ۽ ??اڪ??تان جا لاڳاپا اعليٰ سطح جي آپريشنز کي برقرار رکيو آهي ۽ جي جوش ۽ جذ??ي سان ڀرپور آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهي اعليٰ سطح تي خيالن جي ڏي وٺ جاري آهي. صدر شي جن پنگ سي پيڪ جي 10 هين سالگرهه تي مبارڪن وارو پيغام موڪليو ۽ پنهنجي خصوصي نمائندو چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي نائب وزيراعظم هي ليفنگ کي جشن جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ??اڪ??تان جو دورو ڪرڻ لاءِ موڪليو جيڪو اسان جي اڳواڻن طرفان ??اڪ چين لاڳاپن کي ڏنل اهميت کي پوري طرح ظاهر ڪري ٿو. چين جي سفير چيو ته چيني صدر شي جن پنگ طرفان تجويز ڪيل گلوبل ڊولپمينٽ انيشيٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشيٽو کي ??اڪ??تان ۾ مثبت رد عمل مليو آهي، هن چيو ته اڳواڻن جي مضبوط رهنمائي ??اڪ چين لاڳاپن جي ترقي جو رخ طئي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جي راهه هموار ڪئي آهي. هن چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل طور تي سي پيڪ کي ترقي جي راهداري، روزگار وڌائڻ واري همدردي، جدت جي راهداري، گرين ڪوريڊور ۽ کلي راهداري بڻائڻ ۽ سي پيڪ کي اعليٰ معيار جي ترقي سان اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن. چين ۽ ??اڪ??تان وچ ۾ فوجي مٽاسٽا ۽ تعاون جو ذڪر ڪندي هن چيو ته هي سلسلو گهرو ٿي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ٻنهي فوجن جي اڳواڻن باقاعدگي سان مٽاسٽا ۽ دورن جي بهترين رفتار برقرار رکي آهي.هن چيو ته هن سال چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سميت ??اڪ??تاني فوج جي سينئر اڳواڻن چين جو مسلسل دورو ڪيو، سفير چيو ته هي سال چين ۽ ??اڪ??تان وچ ۾ سياحت جي مٽاسٽا جو سال آهي، سفير چيو ته گنڌارا آرٽ نمائش بيجنگ جي پيلس ميوزم ۾ ڪاميابي سان منعقد ٿي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطا، سياحتي تعاون ۽ ثقافت مٽاسٽا ??ي نئين تحريڪ ملي آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته چين ترقي جي نئين نموني کي هٿي ??يڻ جي ڪوششن کي تيز ڪندو، جامع انداز ۾ اعليٰ معيار جي ترقي کي اڳتي وڌائيندو ۽ عالمي معيشت جي بحالي ۾ وڌيڪ مثبت توانائي جو ڪردار ادا ڪندو.