اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ?? انهن تي عملدرآمد جاري رکندي، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ، سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ، سيڙپڪاري جي ??اهه ?? ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سميت اسمگلنگ جي ??وڪٿام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ناڻي، توانائي ۽ ڪامرس وارن نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ??يپڪس ڪميٽي جي ٻن ڏينهن وار?? اجلاس جو اڄ پهريون ڏينهن هو، ان اجلاس جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ٽن وڏن مقصدن ?? انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڄ ايس آئي ايف سي جي ??يپڪس ڪميٽي جي ??جلاس ۾ حڪومتي خرچن ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪاري جي ??مل کي بهتر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي ??وڪٿام سميت ٻين مسئلن تي غور ٿيو. هن چيو ته حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري جي ??والي سان رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ به بهتري آندي ويندي. هن چيو ته اسمگلنگ جي ??وڪٿام تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ٿي ?? انهن تي عملدرآمد جاري رکندي. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت جيڪي فيصلا ڪري وئي آهي، اسان جي قانوني راءِ اها ئي آهي ته اسان انهن تي عملدرآمد ڪنداسين. ايس آئي ايف سي جي ??يپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي ??والي سان سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته اجلاس جاري آهي، اڄ پهريون ڏينهن هو، ان جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو، ان ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سمورا تفصيل ميڊيا آڏو اچي ويندا.