اسلام آباد – 23 – آگسٽ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ ۽ ملڪي ترقي جي عمل ۾ انهن جي شموليت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ”گلوبلائيزنگ وومين انٽر پرينيورشپ 2023ع“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومتي ادار?? کي اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي جيڪو عورتن جي معاشي حصيداري جي لاءِ سازگار هجي. تقريب جو اهتمام صدر فيصل وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايف ڊبليو سي سي آئي) جي اهتمام هيٺ ڪيو هو. خاتون اول چيو ته مالي مراعتن جي آڇ، صنفي حساس پاليسي?? کي فروغ ڏيڻ، عورتن جي لاءِ دوستاڻي ۽ هراسمينٽ ڪرڻ کان پاڪ ڪم جو ماحول بڻائڻ ۽ خاص طور تي ڪاروبار سان واڳيل عورتن جي لاءِ قرضن تائين آسان پهچ جي لاءِ مڪينزم قائم ڪرڻ اهڙن ڪجهه قدمن مان آهن جيڪي حڪومتي ادار?? کي کڻڻ گهرجن. هن چيو ته بئنڪون ڪاروباري عورت?? کي مالي مدد ۽ مشاورتي خدمتون فراهم ڪري اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري به ڪاروباري عورتن جي رهنمائي جي خصوصي ذميواري رکن ٿا. هن چيو ته عورت?? کي ڪاروبار هلائڻ ۽ قائم ڪرڻ جي لاءِ چيمبرز کي فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. بيگم ثمينه علوي چيو ته ورڪشاپس، ت??بيتي پروگرامن ۽ نيٽ ورڪنگ جي موقعن جو انعقاد عورت?? کي ضروري مهارتن ۽ علم سان ليس ڪرڻ ۾ تمام اڳتي وڃي سگهي ٿو. هن چيو ته عورت?? کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ سان نه رڳو انه?? کي انفرادي طور تي فائدو ٿئي ٿو پر ان جو معاشرن ۽ معيشتن تي به مثبت اثر پوي ٿو. هن چيو ته انٽر پرينيورشپ جي ذريعي اسان عورتن جي صلاحيت?? کي استعمال ۾ آڻي سگهون ٿا ۽ انه?? کي مالياتي طور تي بااختيار بڻائي سگهون ??ا، عورت?? کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ هلائڻ جي لاءِ گهربل وسيلا ۽ مدد فراهم ڪري اسان انه?? کي ان قابل بڻايون ٿا ته اهي نه رڳو پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن پر ان سان اهي اقتصادي ترقي ۾ پڻ مددگار بڻجي سگهن ٿيون. هن پاڪستان ۾ عورتن جي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ (ايف ڊبليو سي سي آئي) جي ڪوشش?? کي پڻ ساراهيندي چيو ته ٻين چيمبرز کي به ان جي پيروي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم يافته عورتن جي ڪامياب ڪاروباري بڻجڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا آهن جيڪي انهن جي انفرادي ترقي ۽ سماجي ترقي ٻنهي ۾ حصو وجهن ٿيون. عورتن جي زندگي ۾ صحت ۽ تعليم جي اهميت جو ذڪر ڪندي خاتون اول چيو ته عورت?? کي معياري تعليم تائين پهچ ۽ هنرمندي جا موقعا فراهم ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهن. هن عورتن ۾ صحت جي مسئلن جو پڻ ذڪر ڪيو جن ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر ۽ ذهني دٻاءُ شامل آهي. هن چيو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر لاتعداد عورت?? کي متاثر ڪري ٿو، پاڪستان ۾ اٽڪل 40 هزار عورتون هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جو شڪار ٿين ٿيون، انهن مان گهڻين فوتگي?? کي ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي ۾ پتو لڳائڻ سان بچائي سگهجي ٿو. دماغي صحت جي حوالي سان هن چيو ته عورتن خاص طور تي ڪم ڪندڙ عورت?? کي خاص طور تي دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ڇو ته انه?? کي پنهنجي گهر ۽ ڪم جي ذميوارين جي وچ ۾ توازن برقرار رکڻو هوندو آهي. هن چيو ته عورت?? کي ڪم ڪرڻ گهرجي پر پنهنجي خاندان?? کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته خانداني زندگي ذهني صحت ۽ تندرستي جو هڪ لازمي بنياد آهي. هن معاشري تي پڻ زور ڏنو ته هو خصوصي ماڻهن جو خاص خيال رکي ۽ انه?? کي انهن جا حق ڏي. هن چيو ته خصوصي ماڻه?? کي بااختيار بڻائڻ، انهن جي مالي آزادي کي يقيني بڻائن، موقعن ۽ سهولتن تائين انهن جي په?? کي بهتر بڻائڻ ۽ انه?? کي مرڪزي ڌارا جي سماجي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ هڪ منصفاڻي ۽ جامع معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ ضروري آهي. عورت?? کي بااختيار بڻائڻ ۽ انساني حقن بابت نگران وزيراعظم جي خاص معاون مشال ملڪ ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته هن بطور عورت ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي لاءِ جدوجهد ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ مالياتي سرگرمين ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) موجب جيڪڏهن مختلف شعبن ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي ته پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿي سگهي ٿو. ايف ڊبليو سي سي آئي جي صدر روبينه امجد حڪومت تي زور ڏنو ته هو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني عورت?? کي ڪاروباري سرگرمين ۾ مڪمل طور تي حصو وٺڻ جي لاءِ برابر موقعا فراهم ڪري.