اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس وزيراعظم شهب??ز شريف جو تاريخي فيصلو آهي، نو??ز شريف دور ۾ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو، صحافين ۽ فنڪارن کي هيلٿ انشورنس جي فراهمي انهي سلسلي جي ڪڙيءَ آهي، اس??ن 15 مهينن جي مختصر مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ قانونسازي ڪئي، ان جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو، نيوز پيپرز ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري ادا ڪيا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي وچ ۾ صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهب??ز شريف، قانون واري وفا??ي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال ظهر ڪياني، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، اسٽيٽ لائيف انشورنس جي چيئرمين شعيب جاويد سميت ٻين شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته وزيراعظم صحافين ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جو تاريخي فيصلو ڪيو جنهن جي شروعات اڄ ٿي رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سڄي پاڪستان مان صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هن سال بجيٽ ۾ هڪ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت هئي ته صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ بجيٽ ۾ رکيل رقم رڳو اعلانن تائين محدود نه هجي پر ان منصوبي جي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. هن چيو ته ٻه هفتا اڳ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جڏ??ن ته هڪ هفتو اڳ آرٽسٽن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ رجسٽريشن جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته نو??ز شريف دور ۾ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جو بنياد رکيو ويو هو، ان بنياد ۽ اسٽيٽ لائيف جي تجربي کي نظر ۾ رکندي اطلاعات واري وزارت صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهب??ز شريف 7 آگسٽ تي هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندو. اطلاعات واري وفا??ي وزير چيو ته اس??ن 15 مهينن جي گهٽ مدي ۾ صحافين جي ڀلائي لاءِ اهم قانونسازي ڪئي، انهن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت کي حڪومتي بزنس سان ڳنڍيو. هن چيو ته صحافين کي هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي صورت ۾ صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون. وفا??ي وزير چيو ته هيلٿ انشورنس تحت ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور طبي سهولتن سميت رينل سرجري، هارٽ سرجري، ڪارڊڪ سجري سميت مختلف سرجريز جي سهولت ڏني ويندي جڏ??ن ته ان ڪارڊ تحت ايمبولينس سروس پڻ ڏئي سگهبي. هن چيو ته اسٽيٽ لائيف پاران ڪيتريون ئي ويليو ايڊيشنز به ڪيون ويون آهن. مريم اورنگزيب چيو ته هيلٿ انشورنس سان صحافين ۽ آرٽستن جي ڀلائي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو آهي. هن چيو ته 15 مهينن جي مختصر عرصي ۾ 12 ڪروڙ رپيا ريڪور ڪري اخباري ملازمن کي پگهارن جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن جڏ??ن ته ميڊيا ورڪرز پاران جاب سيڪيورٽي سميت هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي. وفا??ي وزير چيو ته گذريل چار سال ۾ ملڪ معاشي بدحالي جو شڪار هو، اهم منصوبا پٺتي ڇڏيا ويا هئا، وزيراعظم محمد شهب??ز شريف نه رڳو انهن منصوبن کي ريسڪيو ڪيو پر انهن کي بحال ڪيو. اطلاعات واري وفا??ي وزير صحافين ۽ فنڪارن جي لاءِ هيلٿ انشورنس اسڪيم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت جي پوري ٽيم جا ٿورا مڃيا.