اسلام آباد – 13 – جو??اء?? (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم (اي آر ايف) جي سڀاڻي جمعي ڏينهن ٿيندڙ 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪن??و. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اجلاس ۾ ايشيا پيسفڪ ??ي لاءِ ڳڻتي جي سياسي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪن??و. ??ن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري اي آر ايف ۽ خطي جي ملڪن سان وسيع حصيداري ??ي لاءِ علائقائي تعاون ۽ مڪالمي جي پاڪستان جي خواهش جو خاڪو پيش ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان آسيان ريجنل فورم جي 30 هين وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ??ي لاءِ جڪارتا انڊونيشيا ۾ آهي. ان کان اڳ پرڏيهي سيڪريٽري جڪارتا ۾ ٿائيلينڊ جي هم منصب ۽ آسيان جي ڊپٽي ??يڪريٽري جنرل سان ملاقاتون ڪيون. هو انڊونيشيا جي صدر کانسواءِ پرڏيهي وزير ۽ انڊونيشيا جي سياسي، قانوني ۽ سيڪيورٽي معاملن جي رابطن واري وزير سان پڻ ملاقات ڪن??و. ??رڏيهي سيڪريٽري جي ويٽنام ۽ تيمورليسٽي ??ي پرڏيهي وزيرن ۽ ملائيشيا ۽ برطانيا جي پرڏيهي سيڪريٽرين سان پڻ ملاقات جو امڪان آهي.