اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ ام?? جو گهوارو بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيال?? جو اظهار هن خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪ??ي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب الدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪ??ي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپختونخواهه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ خيبرپختونخواهه ۽ قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ ام?? جو گهوارو بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني بڻائينداسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خيبرپختونخواهه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خيبرپختونخواهه جي آبادگارن کي معياري ٻج ۽ وقت سر ڀاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سه??لت فراهم ڪري ماڻه?? جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.