اسلام آباد- 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23-2022ع مطابق جاري مالي سال دوران اقتصادي ترقيءَ جي اؤسر واري شرح 0.29 سيڪ??و رهي جڏهن ته معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ 27.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جاري ڪيل اقتصادي سروي مطابق جاري مالي سال ۾ زرعي شعبي جي اؤسر واري شرح 1.55 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل سال دوران 4.27 سيڪڙو هئي. صنعتي ترقيءَ جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 2.94 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 6.83 سيڪڙو هئي. مينيوفيڪچرنگ جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 3.91 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 10.86 سيڪڙو هئي. اڏاوتن جي شعبي جي اؤسر واري شرح ڪاٽو 5.53 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 1.90 سيڪڙو هئي. بجلي، گيس، پاڻي جي فراهمي سميت انڊسٽريءَ جي ذيلي شعبن ۾ اؤسر واري شرح 6 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 3.14 سيڪڙو هئي. خدمتن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 0.86 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 6.19 سيڪ??و رڪارڊ ٿي هئي. هول سيل اينڊ ريٽيل ٽريڊ جي اؤسر واري شرح 4.46- سيڪ??و رهي، جيڪو گذريل مالي سال دوران ان شعبي جي اؤسر واري شرح 10.3 سيڪڙو هئي. ان شعبي جو دارومدار گهڻو ڪري زراعت ۽ صنعتي شعبي جي ڪارڪردگي تي ٿئي. ٽرانسپورٽ اينڊ اسٽوريج جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 4.73 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 4.09 سيڪڙو هئي. رهائش ۽ خوراڪ جي شعبي بابت خدمتن ۾ ترقيءَ جي شرح 4.11 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 4.08 سيڪڙو هئي. آءِ ٽي اينڊ ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ ترقيءَ جي شرح 6.93 سيڪڙو هئي جيڪو گذريل مالي سال جي عرصي دوران 16.32 سيڪڙو هئي. ان شعبي جي بهترين ڪارڪردگي سبب پي ٽي اي جي محصولن ۾ واڌ ٿي آهي. ان سال معيشت جي ڳاڻيٽي ۾ 27.1 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ هي 84658 ارب رپيا جيڪو گذريل مالي سال جي عرصي دوران 66624 ارب رپيا هو. في ڪس آمدني 1568 ڊالر رهي. جيڪو گذريل مالي سال دوران هي 1765 ڊالر هئي. اهڙيءَ طرح 11.2 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي جنهن جو اهم سبب ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، جي ڊي پي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ آباديءَ ۾ واڌ آهي. مجموعي سيڙپ??ار??ءَ ۾ 10.2 سيڪڙو اضافو ٿيو. گذريل سال ۾ 29.1 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. هي جي ڊي پي جو 13.6 سيڪ??و رهيو. مالي سال 22ع دوران هي جي ڊي پي جو 15.7 سيڪڙو هو. نجي سيڙپ??ار??ءَ ۾ 6.18 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو گذريل مالي سال دوران 27.66 سيڪڙو هئي. نجي سيڙپ??ار?? جي ڊي پي جو تقريبن 8.8 سيڪڙو آهي جيڪو گذريل مالي سال 22ع دوران 10.5 سيڪڙو هئي. حڪومتي سيڙپ??ار??ءَ ۾ 14.10 سيڪڙو اضافو ٿيو. جيڪو گذريل مالي سال دوران ان ۾ 39.27 سيڪڙو اضافو ٿيو. حڪومتي سيڙپ??ار?? جي ڊي پي جو تقريبن 3.1 سيڪ??و رهي جيڪو گذريل مالي سال دوران 3.5 سيڪ??و رڪارڊ ڪيو ويو. قومي بچت ۾ 44.7 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. گذريل سال دوران هي ڪاٽو 3.8 سيڪ??و رڪارڊ ٿي هئي. قومي بچت جي ڊي پي جو 12.6 سيڪڙو آهي، جيڪو گذريل مالي سال دوران 11.1 سيڪڙو هئي.