اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??تر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي 6 جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪيتري ئي ڊگهي ڇو نه هجي اسان جي بهادر هٿياربند فوج قوم جي تع??ون سان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان ج?? سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ انٽيليجنس ڪميونٽي جون عظيم قربانيون ملڪ کي دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ اسان جي اڻٿڪ قومي عزم جو مظهر آهن. هن سوڳوار خاندانن سان دلي تع??يت ۽ مرحومن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.