اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل قومن ??ي تعاون سان گڏيل قومن ??ي امن مشن جا 75 سال ملهائڻ جي لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ 2 لک کان وڌيڪ پاڪستاني عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جن 1960ع کان هيستائين گڏيل قومن ??ي 46 مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن انهن مان 171 پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن. پرڏيهي آفيس موجب جاري گڏيل بيان موجب پاڪستان گڏيل قومن ??ي امن قا??م ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ دستا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جتي هن وقت اٽڪل 4334 فوجي ۽ پوليس اهلڪار سڄي دنيا ۾ 9 جاين تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن ??ي امن مشن ۾ پنهنجي پراڻي وابستگي ۽ حصيداري تي فخر آهي. مملڪتي وزير پوري دنيا ۾ امن ??ي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏيل قومن ??ي امن ??ستن جي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ گڏيل قومن ??ي امن قا??م ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ يو اين ڊي پي جي نمائندي نٽ اوسٽبي گڏيل قومن پاران ڳالهائيندي چيو ته هن وقت امن ??ستن سان واڳيل 80 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد سڄي دنيا ۾ امن قا??م ڪرڻ جو انتهائي اهم ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، ا??ان پاڪستان جا به ٿورا مڃون ٿا جيڪو عالمي سطح تي امن قا??م ڪرڻ ۾ پنجون سڀ کان وڏو تعاون ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن کي ٽن ٿنڀن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ بڻايو ويو ويو جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن جنهن ۾ امن، ترقي ۽ انساني حق شامل آهن. هن چيو ته اسان امن کي ماڻهن جي وچ ۾ افهام تفهيم، دنيا کي اڳتي آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش طور ڏسون ٿا. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حڪومت، غيرملڪي سفارتخانن، گڏيل قومن ??ي ايجنسين ۽ ترقياتي حصيدارن جي نمائندن جي موجودگي ۾ پاڪستاني امن ??ستن ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڪم جي تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گڏيل قومن ??ا نمائندا، پرڏيهي وزارت ۽ آرمي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جي پاليسي سطح جي اعليٰ عملدارن ۽ گڏيل قومن ??ي مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هڪ عورت جنهن جمهوريه ڪانگو ۾ پاڪستاني امن ??ستي ۾ شرڪت ڪئي هئي، سان ٻه بحث سيشن به شامل ڪيا ويا هئا. پينلسٽس گڏيل قومن ??ي امن قا??م ڪرڻ جي اهم ڪردار، ان جي ارتقا ۽ ان عظيم ڪوشش ۾ پاڪستان جي تعاون بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ??ي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 4200 کان وڌيڪ گڏيل قومن ??ي امن فوجين جي ياد ۾ گلن جي چادر چاڙهي جن 1948ع کان وٺي هيستائين امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا جن ۾ 171 پاڪستاني شهري به شامل هئا. انتونيو گوٽريس هڪ تقريب جي صدارت ڪئي جنهن دوران 103 فوجي، پوليس ۽ سويلين امن ??ستن کي شهيد ٿيڻ کانپوءِ ”ڊيگ همارسڪ جولڊ“ ميڊلز سان نوازيو ويو جن ۾ 8 پاڪستاني به شامل آهن جن گذريل سال امن ??رقرار رکڻ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا. پنهنجي پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن ??ا امن ??ستا پرامن ??نيا جي لاءِ اسان جي عزم جو ڌرڪندڙ دل آهي، انهن 75 سالن کان سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ وڳوڙ کان متاثر ماڻ??ن ۽ ڪميونٽيز جي حمايت ڪئي آهي، اڄ گڏيل قومن ??ي امن ??ستن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ انهن جي غيرمعمولي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عالمي سطح تي 87 هزار کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد آفريقا، ايشيا، يورپ ۽ وچ اوڀر جي 12 تڪراري علائقن ۾ امن ??رقرار رکڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن ??ا امن ??ستا سلامتي، سياسي ۽ امن ??ازي ۾ مدد فراهم ڪن ٿا ته جيئن ملڪن کي تڪرارن کان امن ??رف منتقلي ۾ مدد ملي سگهي. 1948ع کان وٺي هيستائين 125 ملڪن جي 20 لک کان وڌيڪ امن ??ستن سڄي دنيا ۾ 71 آپريشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. گڏيل قومن ??ي امن ??ستن جو عالمي ڏينهن هر سال 29 مئي تي ملهايو وڃي ٿو، جيڪو گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي 2002ع ۾ قا??م ڪيو هو. گڏيل قومون امن قا??م ڪرڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سمورين عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ۽ انهن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن امن ??ي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا.