اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نظريه پاڪستان عمران نيازي جي ناپاڪ ۽ خودغرضي تي ٻڌل ارادن کان ڪيترئي ڀيرا معتبر ۽ سگهارو آهي، انشاءَ الله عمران نيازي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڌسڻو پوندو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي شرمناڪ، المناڪ ۽ افسوسناڪ واقعن کانپوءِ آئون انهن جي منفي اثرن ۽ نتيجن بابت سوچي ر??يو آهيان. جيترو آئون ان ڪاري ڏينهن بابت سوچيان ٿو ايترو ئي منهنجي ڪاوڙ ۽ ڏک ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ته اسان پاڪستان جي نظريي جا پاڻ ئي دشمن بڻجي و??ا آهيون. وزيراعظم چيو ته عوام کي ورهائڻ کانپوءِ عمران نيازي ??يا??تي ادارن جي توهين جي ڪوشش ۾ لڳي و??و جڏهن ان جي حڪومت حاصل ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي و??ون ته هو پنهنجي نفرت انگيز بيانيي ۽ شرپسندن جي جٿن سان پاڪستان جي ??يا??ت تي حملي آور ٿي و??و. ان کي شايد ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته نظريه پاڪستان ان جي ناپاڪ ۽ خودغرضي سان ڀرپور ارادن کان ڪيترائي ڀيرا متعبر ۽ سگهارو آهي. انشاءَ الله عمران نيازي کي ضرور ناڪامي جو منهن ڏسڻو پوندو.