اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي غربت جي خاتمي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ڪمزور طبقن طرف ڀرپور ڌيان ڏيڻ گهرجي، احساس فلاحي پروگرام غريبن کي ريليف ڏيڻ جو هڪ سٺو مثال آهي جنهن ۾ غريبن کي ريليف فراهم ڪيو ويو، ا?? پروگرام تحت ٽيڪنالاجي جي استعمال سان مستحقين ۾ رقم جي شفاف ورڇ ۾ مدد ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر اسلام آباد ۾ احساس پروگرام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيل ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ جاري ڪرڻ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سفارتڪارن، مختلف سماجي ۽ فلاحي تنظيمن سان واڳيل اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. صدر احساس پروگرام تحت ٻارن کي تعليمي وظيفا ۽ عورتن کي قرض فراهم ڪرڻ جي خصوصي قدمن کي ساراهيو. هن چيو ته ??هو يقينن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن ان ڏس ۾ پروگرام جي لاءِ اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏيڻ تي سينيٽر ڊاڪٽر ??انيه نشتر کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ??حساس پروگرام مان سکي سگهجي ٿو ۽ ان سان غربت گهٽتائي ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ماڻهن جي صحت ۽ تعليم ??ڪومت جي ذميواري آهي، پاڪستان جي عوام دنيا جي انهن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جيڪي خيرات ڪن ٿا. هن چيو ته ??حساس جا مختلف پروگرام اسلام جي فلاحي رياست جي جذبي تحت ٺاهيا ويا جن جو مقصد غربت جي خاتمي ۾ مدد ڪرڻ آهي. هن چيو ته ??هڙي قسم جا پروگرام جاري رهڻ گهرجن، اهڙي قسم جي پروگرامن ۾ اهم مقصد چوري کي روڪڻ هو. ڊاڪٽر ??ارف علوي چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ غربت جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عورتن کي معاشي طور تي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻو پوندو. صدر عورتن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ??وامي صحت ۽ تعليم ??ي شعبي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن. هن چيو ته ??سڪولن کان ٻاهر ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، خطي جي ٻين ملڪن تعليم ??ي شعبي تي ڌيان ڏنو پر پاڪستان ۾ ان ڏس ۾ انگ اکر مايوس ڪندڙ آهن. صدر چيو ته ??سلام عورتن کي وراثت ۽ ٻيا حق ڏنا آهن ۽ معاشري کي عورتن جي انهن حقن کان محروم نه ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته معاشري جي محروم طبقن جي حالت سڌارڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ??وبا پنهنجي آمدني جو 25 کان 30 سيڪڙو حصو تعليم ??ي خرچ ڪري رهيا آه?? پر ان جي باوجود وڏي انگ ۾ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، اڄ به ملڪ جا 22 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. صدر چيو ته پاڪستان ڪورونا جي وبا دوران ٻين ملڪن جي ابتڙ ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جڏهن ته ??حساس پروگرام ۾ جن شين تي ڌيان ڏنو ويو ان ۾ ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ شامل آهي. ان کان اڳ شرڪت ڪندڙن کي هڪ دستاويزي فلم ڏيکاري وئي جنهن ۾ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي غربت جي خاتمي جي پروگرام جي معاشري جي ڪمزور طبقي تي مثبت اثرن کي بيان ڪيو ويو. ”احساس 2047ع ڊاڪيومينٽري“ پاڪستان جي 100 هين سالگرهه تائين ”سڀني جي لاءِ سماجي تحفظ“ جي هدف جي لاءِ تيار ڪئي وئي آهي. احساس پروگرام جي 2019ع ۾ شروع ٿيڻ کانپوءِ احساس ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ اثرانگيز منصوبن مان هڪ بڻجي ويو آهي جنهن لکين ماڻهن تائين 16 پروگرام فراهم ڪيا آهن. ا?? پروگرام تحت ڪورونا وبا دوران روڪ رقم جي منتقلي، صحت جي تحفظ، انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپس، روزگار جي لاءِ روڪ رقم جي فراهمي، عارضي رهائش، غذائيت جي پئڪيجز، مالي شموليت کي فروغ ڏيڻ جا قدم ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام شامل آهن. ان کان اڳ غربت جي خاتمي واري پروگرام ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ سينيٽر ڊاڪٽر ??انيه نشتر صدر ۽ تقريب جي شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ??حساس پروگرام کي معاشري جي ڪمزور طبقن جي حالت سڌارڻ جي لاءِ شفاف بنيادن تي اڳتي وڌايو ويو، صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ۽ خاتون اول معاشري جي ڪمزور طبقن ۽ خصوصي ماڻهن جي لاءِ ڀرپور طريقي تي ڪم ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته موجوده حڪومت ا?? پروگرام کي اڳتي وڌائيندي.