ملتان – 22 – فيبروري (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي ملڪ جي معاشي ترقي خاص طور تي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ عورتن جي ڪردار کي تسليم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪاروبار سان واڳيل عورتون نه رڳو پنهنجي لاءِ پر ٻين عورتن جي لاءِ پڻ روزگا?? جي فراهمي ۽ افرادي قوت ۾ صنفي امتياز کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملتان گيريزن ۾ ٽن ڏينهن واري بليو فيئر ٽريڊ ايڪ??پو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اها نمائش وومين چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ملتان جي اهتمام هيٺ منعقد ڪئي پئي وڃي ۽ ان ۾ دستڪاري، ڪپڙن، ٻارن جي ڪپڙن، زيورن، فرنيچر، ڪاسميٽڪس، جوتن خاص طور تي ملتاني کُسي، ڪاٺ جي سامان ۽ کاڌي جا اسٽالز لڳايا ويا آهن. هن سال يونيورسٽي جي شاگردن پاران هٿ جي هُنرن جي اسٽالن سميت ايڪ??پو ۾ 100 کان وڌيڪ اسٽالز لڳايا ويا آهن. بليو فيئر ۾ سڄي ملڪ مان خاص طور تي ڏکڻ پنجاب مان عورت ڪاروبا??ي شخصيتون شرڪت ڪري رهيون آهن. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ثمينه عارف علوي ملتان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري پاران عورتن کي معاشي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي قدم کي ??ار??هيندي چيو ته هي عورتن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ سياسي ۽ سماجي اهميت واري معاملي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو پليٽ فارم ثابت ٿي رهيو آهي. هن چيو ته فيشن شوز ۽ نمائشون عورتن جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ جا طريقا آهن ڇو ته اهي سرگرميون روايتي ۽ جديد دستڪاري، ڪپڙن ۽ روزاني جي استعمال جي شين جي نمائش جا موقعا فراهم ڪن ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جون نمائشون عورتن جي ڪاروبار کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ انهن کي نيٽ ورڪنگ ۽ رابطي جي ترقي جا موقعا پڻ فراهم ڪن ٿيون. بيگم ثمينه عارف علوي ٻڌايو ته دماغي صحت جي مسئلن جي لاءِ هڪ هيلپ لائين قائم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته هوءَ پاڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ معذور ماڻهن جي لاءِ پڻ ڪم ڪري رهي آهي. بليو فيئ?? جي سفير ۽ ڊبليو سي سي آئي جي اڳوڻي صدر فاطمه فضل چيو ته ڏکڻ پنجاب تخليقي صلاحيتن، فن ۽ دستڪارن جو مرڪز آهي، هن وڌيڪ چيو ته ملتان ۾ ايڪ??پو سينٽر ڏکڻ پنجاب جي عورت واپارين جي لاءِ موقعا کوليندو. ڊبليو سي سي آئي جي سرپرست اعليٰ فرخ مختار پنهنجي خطاب ۾ چيمب?? جي ڪارڪردگي کي ??ار??هيو. ان موقعي تي خاتون اول مختلف اسٽالز جو دورو ڪيو ۽ شاندار نمائش منعقد ڪرڻ تي ڪاريگرن جي محنت ۽ چيمب?? جي ڪوششن کي ??ار??هيو.