ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير ??يب??يلس لئنڊسبرگ سان ملاقات ڪئ??. پ??ڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزيرن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿ??. پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير ??يب??يلس لئنڊسبرگ ٻطرفي ??شاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي گادي واري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير پا??ان بالٽڪ علائقي جو پهريون دورو آه??. پ??ڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پا??ليامينٽ جو دورو ڪيو ۽ ليٿوانيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي.
پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي پا??ليامينٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پا??لياماني مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزير ماريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.