اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ هن گذريل ڏينهن ڪابل ۾ پرڏيهي وزارت جي ٻاهر ٿيندڙ دهشتگردي جي بزدلاڻي حملي تي ??عزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دهشتگردي جي ڪارروائي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته دهشتگردي پاڪستان ۽ افغانستان ٻنهي جي لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ ??ن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ان خطري جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ افغان عوام سان مڪمل يڪجهتي کي ورجائيندي پرڏيهي وزير عل??ئقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ افغانستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم تي ??ور ڏنو.