ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگ?? جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ ه?? ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهب?? جي دور?? جي پهرين ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. ??و اي ا?? جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحال?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن ۽ گڏيل عرب امار??ت ۾ پاڪستاني ڪميونٽ?? جي اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀائر ملڪ جي دور?? جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جي صدر جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ موجوده ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائ?? جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپ?? جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪار?? جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيدار?? جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ٻطرفن لاڳاپن ۾ مسلسل اڳڀرائ?? جي رفتار تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. جڏهن ته لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ هر سطح تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ باضابطا ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي صدر 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگ?? جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ ه?? ارب ڊالر جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??و اي ا?? جي صدر کي پاڪستان جي دور?? جي دعوت ڏني، جنهن تي هن رضامندي جو اظهار ڪيو جنهن جي لاءِ تاريخ جو تعين سفارتي ذريعن جي ذريعي ڪيو ويندو.