ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات جي پهرين ڏينهن اڄ خميس ڏينهن مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ابوظهبي جي صدارتي محل ۾ ملاقات ڪندو. وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي وزيرا??ظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان دبئي ۾ ملاقات ڪندو. وزيرا??ظم اماراتي سيڙپڪار ڪمپنين جي نمائندن سان به ملاقات ڪندو. وزيرا??ظم گڏيل عرب امارات جي قومي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ، واحته الڪرامه به ويندو.