اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)پاڪستان ”نو مني فار ٽ??رر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت جي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ غير ذميواراڻي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بيان مطابق پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان نئين دهل??ءَ ۾ رٿيل نام نهاد ”نو مني فار ٽ??رر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت طرفان ان خلاف سمورن حوالن ۽ الزامن کي سخت??ءَ سان رد ڪيو آهي. ڀارت هر دستياب فورم تي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي پنهنجي ناقابل قبول ۽ لاعلاج خواهش جي روشن??ءَ ۾ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جي مالي معاونت ۾ پاڪستان تي مبينه طور ملوث هئڻ جا بار بار ڪُوڙا الزام لڳائي دنيا کي دهشتگرد??ءَ جي خا??مي ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جي باري ۾ گمراهه ڪندو رهي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي کوکلي بيان بازي پاڪستان جي ڪامياب دهشتگرد??ءَ جي خا??مي وارن قدمن آڏو ناڪام ٿي وئي آهي جن جو دهشتگرد??ءَ جي خا??مي، مني لانڊرنگ جي خا??مي ۽ دهشتگرد??ءَ جي مالي معاونت جي روڪٿام جي اعليٰ بين الاقوامي اداري فنانشل ايڪش ٽاسڪ فورس طرفان تسليم ۽ اعتراف ڪيو ويو آهي. اسان جا مضبوط ۽ قابل اعتماد اي ايم ايل/سي ايف ٽي قدمن ۽ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز تي تسلي بخش عملدرآمد سان هن آڪٽوبر ۾ پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت غير قانوني طور پنهنجي ڏاڍ هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي دهشتگرد??ءَ جي مهم مسلسل جاري رکيو پيو اچي. ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرست??ءَ ۾ ٿيل دهشتگرد??ءَ جو ڪو جواز ناهي جتي ان جي سيڪيورٽي فورسز هر روز بيگناهه شهرين کي دهشت، اذيت ۽ تشدد جو نشانو بڻائي ٿي. هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردن کي پناهه ۽ تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي. 2019ع ۾ هن سوامي اسيمانند کي بري ڪري ڇڏيو جيڪو 2007?? جي سمجهوته ايڪسپريس ڌماڪي جو مرڪزي ڪردار هو جنهن ۾ ڀارتي سرزمين تي 43 پاڪستاني شهري قتل ٿيا هئا. هلندڙ سال جي شروع ۾ ڀارتي عدالتن گجرات ۾ 2002ع جي گوڌرا جهيڙن دوران بلقيس بانو جي اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس جي 11 مجرمن کي آزاد ڪيو. اهڙ??ءَ طرح 26 نومبر جي ممبئي حملن جي ڪيس جي ٻُڌڻ??ءَ دوران ڀارت ڄاڻي واڻي پاڪستاني عدالتن کان گواهن ۽ شاهدين کي روڪي ڇڏيو. گذريل 14 سالن ۾ بار بار درخواستن باوجود صرف پنهنجي ناپاڪ سياسي ايجنڊا کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ ڪيس کي ڊيگهه ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان اندر دهشتگردي کي ڀڙڪائڻ ۾ هندستان جو ملوث هئڻ وڏي پيماني تي ثابت ۽ دستاويزي آهي. نومبر 2020ع ۾ پاڪستان هڪ جامع ڊوزيئر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جا ثبوت فراهم ڪيا ويا هئا. سزا يافته، حاضر سروس، ڀارتي نيول ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو تخريبڪاري ۽ دهشتگرد??ءَ ۾ ڀارت جي سڌ??ءَ ريت ملوث هئڻ جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. ٽي ٽي پي ۽ افغانستان اندر پاڪستان سان دشمني رکندڙ ٻين ڌُرين سان هندستاني رابطن جي باري ۾ سڀ واقف آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادر??ءَ تي زور ڀري ٿو ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ان جي قدمن، دهشتگرد ادارن جي سرپرستي ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگرد??ءَ کي هوا ڏيڻ لاءِ هندستان کي جوابدار قرار ڏي. هندستان کي گهرجي ته هو دهشتگرد??ءَ جي باري ۾ پنهنجي سُڃاڻپ کي فوري طور درست ڪري ۽ خودغرضاڻي سيا??ي مفادن جي حاصلات لاءِ بي شرم??ءَ سان ٻيهر ڪوڙا الزام لڳائڻ کان پاسو ڪري.