اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فارن فنڊيڊ فتني مڃي ورتو آهي ته هن آرمي چيف کي اڻڄاتل مدي تائين توسيع جي آڇ ڪئي هئي، ان سان اهو ئي سلوڪ ٿي رهيو آهي جنهن ج?? هو مستحق آهي، سمورا والدين پنهنجي ٻارن، ٻارڙين ۽ فيمليز کي سڀاڻي عمران خان جي خوني مارچ کان محفوظ رکن. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان توهان ڪرپشن نه ڪئي، چار سال ڌاڙا هنيا آهن. هن چيو ته الحمدالله، ملڪ تباهي طرف وڃڻ کان ڇهه مهينا اڳ بچي ويو، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فارن فنڊيڊ فتنو فوج جي اميج کي بهتر نه پر صرف فوج ۾ بغاوت ۽ شهيدن جي خلاف مهم هلائي سگهي ٿو. پاڪستان ??حر??ڪ انصاف کي رڳو فارن فنڊيڊ فتني ڪريش ڪيو آهي. هن چيو ته شهباز شريف ۽ راڻا ??ناءُ الله ڏوهاري هئا ته توهان چار سال ۾ ثابت ڪري ??ڏي?? ها، جاسوسي جي اجازت عمران خان پاڻ ڏني هئي، عمران خان اقتدار ۾ ايندي ئي پنهنج?? ويجهن ماڻهن کان اکيون ڦيري ??ڏي??ن، عمران نيازي کي آزاد ميڊيا کان نه پر پنهنجي اندر جي فتني جو خوف هو. هن چيو ته چونڊون آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ايندڙ سال ٿينديون.