اسلام آباد – 09 –; سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي پرڏيهي وزارت پهچڻ تي است??با?? ڪيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر پ??ڪستان جي عوام سان گهري همدردي ۽ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. هو ٻوڏ کان شديد متاثر علائقن جو پڻ دورو ڪندو. ان کان اڳ هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي.