اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي ڏکڻ اولهندي صوبي سيچوان ۾ زلزلي ۾ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان تي چ??ني قيادت سان افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام چين جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي. چين تازي ٻوڏ سميت هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب پنهنجي ت??زيتي پيغام ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چين جي صوبي سيچوان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جو ٻڌي تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس ٿيو، زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ملڪيتون تباهه ٿيون، پاڪستاني عوام ۽ پنهنجي پاران چ??ني قيادت سان دلي ت??زيت ۽ سيچوان جي عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪريان ٿو. هن پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ سمورن چ??ني خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر سمورن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن اميد ظا??ر ڪئي ته گم ٿيل ماڻهو جلد کان جلد پنهنجي گهرڀاتين سان گڏجي ويندا. صدر اها به اميد ظا??ر ڪئي ته زلزلي سٽيل علائقن جا ماڻهو جلد پنهنجا گ??ر ٻيهر تعمير ڪري معمول جي زندگي شروع ڪري ڇڏيندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته کيس پورو يقين آهي ته چ??ني قيادت ۽ عوام پنهنجي ثابت ٿيل صلاحيتن ۽ استقلال سان ان قدرتي آفت سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي پوري صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستاني عوام ۽ پاڪستان حڪومت چ??ني عوام ۽ چين جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهي، چ??ني عوام به پاڪستاني ٻوڏ جي متاثرين سان گڏ بيٺي، ماضي ۾ به چ??ني عوام ۽ حڪومت قدرتي ۽ ٻين آفتن دوران اسان سان گڏ بيٺل رهيا.