اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم اڄ پاڪستان جي دفاع جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي شهيدن ۽ غازي?? کي سلام پيش ڪري ٿي، جن ڀارتي جارحيت جي خلاف ملڪ جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ انهي جذبي جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هٿياربند فوج ۽ قوم متحد ٿي پنهنجي جاگرافيائي سالميت جي خلاف ڀارتي جنگي جنو?? کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته تاريخي ٻوڏ جي تباهين ۽ ٻين مسئل?? کي منهن ڏيندي اسا?? کي اڄ 1965ع جي جذبي جي ضرورت آهي. قوم جو اتحاد ئي اسان ج?? سڀ کان وڏي طاقت آهي. هٿياربند فوج ۽ عوام جي اتحاد جي رشتي کي ٽوڙڻ جو ارادو ڪندڙ پاڪستان جو دوست نه ٿو ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته اچو قوم جي اتحاد جي ان رشتي کي مضبوط بڻايون.