لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي سينٽرل پنجاب جي جنرل سيڪريٽري ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ سيد حسن ??رت??يٰ چيو آهي ته ڪشمير اسان جو آهي ۽ سڄو اسان جو آهي، ڪشمير جي مڪمل آزادي تائين پاڪستاني قوم سک سان نه ويهندي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي تي جاري پيغام ۾ هن چيو ته ڀارتي ڏاڍ جا 1095 ڏينهن ڪشميرين کي انهن جي آزادي جي جدوجهد کان روڪي ناهن سگهيا، ڀارت کي آرٽيڪل 370 و??پس لاڳو ڪرڻو پوندو. هن سوال ڪيو ته انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڇو خا??وش آهن. حسن ??رت??يٰ مطالبو ڪيو ته والاريل ڪشمير جي مير صادق کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??الاريل ڪشمير جو ڪيس هر جڳهه تي وڙهي رهيو آهي.