اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019?? مهذب دنيا جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت عالمي قانونن، اخلاقيات کي پيرن ??يٺان لتاڙيو هو. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته والاريل ڪ??مير ۾ سڀئي بنيادي انساني حق معطل ۽ ڪشميرين جي مذهبي، سماجي ۽ سياسي حقن تي بدترين پابندي لڳل آهي. مهرين رزاق ڀٽو چيو ته ڀارتي فورسز ڪشميري عورتن سان جنسي زيادتين کي هٿيار طور استعمال ڪ??ي رهي آهي. ڪشميري عالمي دنيا، انساني حقن جي عالمي ادارن جي ڌيان جا منتظر آهن. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. ڪشمير م??ئلي ??و پرامن حل خطي جي مستقل امن جو ضامن آهي، گڏيل قومون ڪشمير م??ئلي بابت پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائين.