اسلام آباد – 10 – جون (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جمهوريه پولين?? سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان پولين?? سان واپار، معيشت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ??اڪ??ر خالد حسين ميمڻ سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته گڏيل بزنس فورم جو قيام، توانائي جي شعبي ۾ پولينڊ جي ڪمپن?? سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي ٿو، نامزد سفير پاڪستان جي جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تجديد لاءِ پولينڊ جي مسلسل حمايت ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياحن جي آمد وڌائڻ لاءِ نامزد سفير سياحت جي شعبي ۾ موجود موقعا اجاگر ??ري. نامزد سفير پاڪستان ۽ پولينڊ جي يونيورسٽين جي وچ ۾ اداره جاتي رابطن جي قيام لاءِ ڪم ڪري. صدر چيو ته تعليم جي شعبي ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ سان پاڪستاني يونيورسٽين جو تعليمي ۽ تحقيقي معيار بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، نامزد سفير پولينڊ ۾ پاڪستاني افرادي قوت جو تعداد وڌائڻ تي به ڪم ڪري. صدر نامزد سفير کي پولينڊ ۾ پاڪستان جي سفير جي طور تي مقرري تي مبارڪباد به پيش ڪئي.