گوادر – 03 R11; جون (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف گوادر ۾ ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو اف??تاح ڪري ڇڏيو جڏهن ته گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ سميت مختلف منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود، پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني جو ناظم الامور پانگ چن زي ۽ ٻيا لاڳاپيل عم??دار پڻ موجود هئا. وزيراع??م گوادر ايسٽ بي ايڪسپريس وي منصوبي جو اف??تاح ڪيو. جن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو انهن ۾ چائنا ايڊ پاران پاڪستان ۾ گوادر سي واٽر ڊي سيلينيشن پراجيڪٽ، جنگٽال گوادر پرائيويٽ لميٽيڊ، هينگ مي ليبريڪينٽس پلانٽ، هين گينگ ايگريڪلچرل انڊسٽريل پارڪ، هوافا گوادر ايڪسپو سينٽر، 3000 هائوس هولڊ سولر پينل گوادر فرٽيلائيزر پلانٽ شامل آهن.