اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان ڇنڇر ڏينهن هڪ سي 130 جهاز مزار شريف روانو ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻوڏ متاثر ??فغانستان جي عوام جي ل??ءِ هنگامي امدادي سامان موڪليو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب امدادي سامان ۾ تنبو، اٽو، چانور ۽ کنڊ شامل هئ??. پ??ڪستان پاران افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ خيرسگالي جذبي طور ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ خوراڪ ۽ عا??ضي رهائشگاهن جي سامان تي ٻڌل ٻيو جهاز موڪليو ويندو. بيان موجب پاڪستان هڪ پاڙيسري ملڪ جي حيثيت سان افغان عوام جي ل??ءِ انساني امداد جي فراهمي ل??ءِ ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي، اميد آهي ته عالمي برادري به افغانستان ۾ متاثر ماڻهن کي و??ت سر امداد ۽ معاشي امداد فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي.