اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ چي??ي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ ٿيل دهشتگردي جي حملي ۾ چي??ي شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي چي??ي سفارتخاني جي ناظم الامور پينگ چونچوئي ۽ آفيسرن سان ڳالهائيندي صدر چي?? ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري پاڪستاني قوم کي گهرو ڏک ۽ افسوس آهي ۽ هو پنهنجي چي??ي ڀينرن ۽ ڀائرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان چي??ي شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ان ڪڌي واقعي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو، صدر واقعي جي پرزور مذمت ڪندي چي?? ته اسان جي دشمنن جا ناپاڪ ارادا ان جي پويان آهن جيڪي پاڪ چي?? دوستي ۽ ۽ سي پيڪ منصوبي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا پر اهي پنهنجي انهن ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري دوستي هموار آهي ۽ هو سدا بهار دوستي کي سگهه ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. هن ناظم الامور کي چي?? ته هو چي??ي عوام، ڪميونسٽ پارٽي ۽ صدر شي جن پنگ تائين به اها دلي تعزيت پهچائي. ناطم الامور سفارتخاني جو دورو ڪرڻ ۽ چي?? جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر جو ٿورو ادا ڪيو، هن چي?? ته ٻئي ملڪ گڏيل مستقبل جا حامل آهن ۽ انهن جي وچ ۾ دوستي ۽ ويجهي تعاون جي ڊگهي تاريخ آهي، هن حملي جي مذمت ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ان واقعي جي پردي پويان ڏوهارين کي گرفتار ڪر?? سزا ڏني ويندي، ان کانپوءِ صدر سفارخاني جي مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات به قلمبند ڪيا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر چي?? ته چي??ي عوام سان گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪر??ان ٿو، پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ ڀائراڻي دوستي ۽ عوام جي سطح تي گهرا لاڳاپا هموار آهن، هن چي?? ته ٽن چي??ي شهرين جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ سان ائين لڳي ٿو ته اسان پنهنجي پاڪستاني رشتيدارن کي وڃايو آهي، ان المناڪ واقعي تي چي?? جي صدر شي جن پنگ، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنه ۽ چي??ي عوام سان تعزيت جو اظهار ڪر??ان ٿو. صدر چي?? ته پاڪستان ۽ چي?? جا گهرا دوستاڻا لاڳاپا اسان جي دشمنن لاءِ خطرو آهن ان لاءِ هو چي?? پاران اسان جي مدد، بي آر آئي ۽ سي پيڪ جي ذريعي چي?? جي امن ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي پويان آهن، تنهن ڪر?? جتي به دهشتگرد آهن اسان کي انهن جي ناپاڪ ارادن کي گڏجي ناڪام بڻائڻ جي ضرورت آهي. بنا شڪ جي پاڪستان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تنهن هوندي به اهو واقعو رونما ٿيو آهي جيڪو اسان جي لاءِ انتهائي دردناڪ آهي، صدر چي?? کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان جي حڪومت جوابدارن جو پتو لڳائڻ ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، هن پاڪستان ۾ چي??ي شهرين جي خدمتن کي ساراهيندي چي?? ته اسان کي ٽيڪنالاجي، ثقافت، زبان، ڪميونيڪيشن سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون جي ضرورت آهي، هي ٽئي چي??ي شهري چي?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪميونيڪيشنز اسڪلز ۾ بهتري لاءِ ڪم ڪر?? رهيا هئا، اسان خاطري ڪرايون ٿا ته پنهنجي شهرين وانگر چي??ي شهرين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائينداسين.