اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته او آءِ سي ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار جي پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري، ڪشميري عوام ع??لم?? ض??ير کي ان وقت تائين جنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿئي. پرڏيهي وزارت ۾ ڄمون ۽ ڪش??ير تي منعقد او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته خودمختياري جو حق ع??لم?? قانون جو بنيادي اصول آهي، پنهنجي تقدير پاڻ طئي ڪرڻ جو حق، آزادي جو نچوڙ ۽ انساني وقار جي لاءِ اهم آهي، بدقسمتي سان ڄمون ۽ ڪش??ير جي ماڻهن کي اڃا تائين ان ناقابل تنسيخ حق تائين پهچ حاصل ناهي ٿي سگهي، ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي فوج جي غيرقانوني طور تي لهڻ کانپوءِ ڪشميري گذريل 70 سالن کانوڌيڪ عرصي کان انتهائي ڏاڍ ۽ ظلم ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ع??لم?? قانون جي بنيادي اصولن، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي کي منهن ڏيندي ڪشميري عوام ع??لم?? ض??ير کي ان وقت تائين جهنجهوڙيندي رهندي جيستائين انهن جي محرومين جو ازالو نه ٿو ٿي وڃي، انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون، اخلاقي ڏيوالپڻو ۽ خوفناڪ ظلم اڄ ڄمون ۽ ڪش??ير تي ڀارتي قبضي جي حقيقت کي نمايان ڪن ٿا. 9 لک کان وڌيڪ ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪش??ير جي جنت نظير واديءَ کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڀارتي قدمن کانپوءِ رياستي ڏاڍ ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو ??هي جڏهن ته وحشياڻي فوجي گهيراءُ، بٽي لاڪ ڊائون ۽ ڪورونا وبا جي ڪري اضافي پابندين انهن مصيبتن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، افسوس جوڳي ڳالهه اها ??هي ته ع??لم?? قانون ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي ڪندي غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي ذريعي ڪش??ير ۾ مسلمان اڪثريت کي پنهنجي ئي سرزمين ۾ اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، هيستائين 4.2 ملين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ اهڙن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جن جو تعلق ڪش??ير سان نه آهي. هن چيو ته ڪشميرين جي خلاف ڀارت جي رياستي دهشتگردي انساني حقن جي صورتحال بابت وڌندڙ ع??لم?? خدشن کي وڌيڪ هوا ڏني آهي، والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم جي شرح ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته ڀارت گڏيل قومن جي خصوصي، آزاد انساني حقن جي مبصرن ۽ ع??لم?? ميڊيا کي والاريل علائقي ??ائين پهچ ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري رهيو ??هي ته جيئن والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ زميني صورتحال جي آزاداڻي جائزي کان بچي سگهي.