اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه حڪومت کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته بي آر ٽي کي انٽرنيشنل ٽيڪنيڪل اسٽينڊرڊ ڪميٽي پاران پشاور بي آر ٽي کي گولڊ اسٽينڊرڊ بي آر ٽي سروس جو درجو ڏيندي 100 مان 97 نمبرز ڏنا ويا آهن ج??هن ج?? مطلب آهي ته اها سروس اٽڪل هر لحاظ کان عالمي معيارن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پشاور بي آر ٽي شهر ۾ عوامي چرپر جي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، آگسٽ 2020ع ۾ ان ج?? شروعات کان هيستائين 71 ملين کان و??يڪ ماڻهو ان مان فائدو کڻي چڪا آهن. روزاني جي بنياد تي اڍائي لک کان و??يڪ شهري ان تي سفر ڪن ٿا جن مان 20 سيڪڙو عورتن کانسواءِ 60 سيڪڙو جو تعلق گهٽ آمدني واري طبقي سان آهي.