اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته مخالف ڌر جو ??ني بل ۾ اصل اعتراض ٽيڪسن بابت نه پر ڊاڪومنٽيشن تي آهي ڇو ته 343 ارب روپين جي لڳايل ٽيڪس مان 280 ارب ريفنڊ ٿي ويندو جڏهن ته صرف 71 ارب جا نوان ٽيڪس لڳندا، ڊبل ??وٽي، کير، ليپ ٽاپ ۽ سولر سميت ڪيترن ئي شين کي حاصل ڇوٽ برقرار آهي. قومي ا??يم??لي ۾ مخالف ڌر پاران مالي ض??ني بل 2021ع جي شق 2 تي ٽي اهم ترميمون جمع ڪرايون ويون جيڪي شاهد خاقان عباسي، محسن داوڙ ۽ سيد نويد قمر ايوان ۾ پيش ڪيون، شاهد خاقان عباسي پنهنجي ترميم جي حق ۾ ڳالهائيندي چيو ته ناڻي وارو وزير آگاهه ڪري ته ??ني بجيٽ پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي. ماضي ۾ ڪڏهن به ??ني بجيٽ ۾ ايترا وڏا ٽيڪس نه آندا ويا. محسن داوڙ چيو ته اسان جي ترميم اڳوڻي فاٽا کان ڪسٽم هائوسز کي ضم ٿيل ضلعن کان ٻاهر رکڻ جي حوالي سان آهي، شوڪت ترين ان تي بحث سهيڙيندي چيو ته ناڻي واري وزير طور جڏهن آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو آغاز ٿيو ته هن ان پٽ ۽ آئوٽ پٽ کي برقرار رکڻ ??ي ڳالهه ڪئي، اهو جيڪو ٽيڪسز جو واويلا ڪيو پيو وڃي اهو اصل ۾ ڊاڪومنٽيشن جي خلاف آهي ڇو ته جڏهن به ڊاڪومنٽيشن ??ي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته اهڙي طرح گوڙ ٿيندو آهي. ڊاڪومنٽيشن سان سڀ ڀڄندا آهن، ان سان انهن جي اصل آمدني جو اندازو ٿي ويندو. هن چيو ته اهي ٽيڪسن جي گيم نه پر هي جيڪو واويلا جو طوفان آهي ان جو سبب ڊاڪو منٽيشن آهي. هن چيو ته ??ني بجيٽ جي ذريعي لڳايل 343 ارب روپين مان 280 ارب ريفنڊ ٿي ويندا جڏهن ته صرف 71 ارب روپين جو ٽيڪس لاڳو ڪيو پيو وڃي، ان سان گڏوگڏ ڊبل ??وٽي، کير، ليپ ٽاپ، سولر سميت ٻين ضروري شين کي حاصل ڇوٽ برقرار رکي پئي وڃي. هن چيو ته مخالف ڌر کي به علم آهي ته جيستائين 18 کان 20 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي نه هوندي توازن نٿو ٿي سگهي.