اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ساحلي سياحت جي فروغ لاءِ قدمن کي ??يز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقي??ي بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد وزيراعظم کي ??زنس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سيڙپڪارن جي موجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي نتيجي ۾ وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي وزيراعظم کي ??احلي سياحت جي موجوده صلاحيت ۽ ??زا??ت جي ان جي فروغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم ساحلي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقي??ي بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.