اسلام آباد – 17 ڊسمبر (??ي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اڳوڻي بئنڪ مينيجر انساني بنيادن تي صدر مملڪت کان سروس ۾ بحالي جي د??خواست ڪئي هئي، بئنڪ مينيجر تي هراسيت جو الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، حبيبه رئوف مينيجر نعيم اقبال جي خلاف بئنڪ کي هراسيت جي شڪايت ڪئي هئي، تفصيل موجب بئنڪ انڪوائري ۾ نعيم اقبال تي لڳايل الزام ثابت ٿيا، هراسيت جا الزام ثابت ٿيڻ تي نعيم اقبال کي بئنڪ برطرف ڪري ڇڏيو، نعيم اقبال برطرفي جي خلاف ڪم جي جاءِ تي هراسيت جي روڪٿام جي وفاقي محتسب کي د??خواست ڏني، محتسب نعيم اقبال کي ننڍن ٻارن ۽ بزرگ والدين جي ڪري سزا ۾ نرمي ڏني، هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ”نوڪري ت??ن برطرفي“ جي بدران ”نوڪري مان ڪ??ڻ“ جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ نعيم اقبال صدر کي انساني بنيادن تي سروس ۾ بحالي ۽ محتسب ??و فيصلو ختم ڪرڻ جي د??خواست ڪئي هئي، صدر هراسيت ۾ملوث ماڻهو جي اپيل رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته معزز محتسب ??زا کي ”نوڪري ت??ن برطرفي“ بدران ”نوڪري مان ڪ??ڻ“ ۾ بدلجي چڪو، درخواستگذار محتسب ??ي حڪم ۾ ڪنهن قسم جي غير قانونيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ??ي حڪم کي بدلائڻ لاءِ ڪو جواز پيش نه ڪيو، ان لاءِ درخواست گذار جي نوڪري ۾ بحالي جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.