اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي انس??ني ۽ سماجي اقتصادي ترقي جو هڪ اهم جز آ??ي، تعليمي ادارن ۾ شاگردن جو انگ وڌائڻ ۽ مدرسن جي شاگردن کي ڪمپيوٽر لٽريسي سميت فني تعليم به ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ (اين سي ايڇ ڊي) جي چيئرمين ڪرنل (ر) ڊاڪٽر اميرالله مروت سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن کيس انس??ني ترقي بابت قومي ڪميشن جي سالي??ني رپورٽ پيش ڪئي. اين سي ايڇ ڊي جي چيئرمين صدر کي آ??اه?? ڪيو ته ڪميشن پرائمري تعليم تائين پهچ کي بهتر بڻائي رهي آهي، خواندگي جون مهارتون فراهم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪميونٽي جي شرڪت کي فروغ ڏيڻ کانسواءِ انتظامي صلاحيتن کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪميشن ٽن رخي حڪمت عملي يعني يونيورسل پرائمري ايجوڪيشن، ايڪسلريٽيڊ لرننگ پروگرام ۽ ايڊلٽ لٽريسي پروگرام اختيار ڪري خواندگي کي فروغ ڏئي رهيا آهيون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪميشن انهن ٻارن کي تعليم فراهم ڪري ديني تعليمي ادارن کي مرڪزي ڌارا ۾ آ??ڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي جيڪي ڪڏهن اسڪول ويا ئي نه ويا يا ڇڏي چڪا هئا. صدر انس??ني ترقي کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان نيشنل ڪميشن فار هيومن ڊيولپمينٽ جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن کي ساراهيو. هن احساس پروگرام ۽ انس??ني ترقي بابت قومي ڪميشن (اين سي ايڇ ڊي) پاران مستحق خاندانن جي احساس وسيله تعليم پروگرام تحت ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ جي حوصلا افزائي جي لاءِ تعاون کي پڻ ساراهيو.