برسلز – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ا??غانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معا??ي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. اهي ڳالهيون هن برسلز ۾ موجود نيٽو هيڊڪوارٽر ۾ نيٽو جي سيڪريٽري جنرل جينز اسٽولٽن برگ سان ملاقات ۾ چيون. ملاقات دوران ٻطرفي گڏيل معاملن، افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال ۽ ٻطرفي تعاون سميت علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جون 2019ع ۾ برسلز ۾ سيڪريٽري جنرل سان ٿيندڙ ملاقات جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير چيو ته اعليٰ سطح جي سياسي ۽ فوجي رابطن گڏيل مفادن جي معاملن تي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان امن جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزي?? ا??غانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته ا??غانستان ۾ تيزي سان اڀرندڙ انساني بحران ڳڻتي جوڳو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري افغان عوام کي انساني ۽ معا??ي معاونت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري. پرڏيهي وزي?? ا??غانستان ۾ پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي خطري کي روڪڻ، افغانستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن جي محفوظ پناهگاهه ۽ منشيات جو مرڪ بڻجڻ کان بچائڻ جي لاءِ طالبان سان عالمي برادري جي تعاون کي لازمي قرار ڏنو. هن چيو ته عالمي برادري جو ڌيان افعانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني بحران طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ پاڪستان 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي ميزباني ڪري ر??يو آهي. سيڪريٽري جنرل اسٽولٽن برگ افغانستان ۾ نيٽو جي ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل موجودگي ??وران پاڪستان جي حمايت کي ساراهيو.