اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان م??جب سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙي قسم جي ب??دلاڻي تخريبي ڪاررواين سان م??ڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن م??صدن ۾ ڪڏهن به ڪام??اب نه ٿيندا، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي، قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.