اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) پر??يه?? وزير مخدوم شاه محمود قريشي اسلامي سهڪار تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثمين سان ٽيليفونڪ رابطي تي افغانستان جي موجوده صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. پر??يه?? آفيس مان جاري بيان مطابق پر??يه?? وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ??من جي قيام لاءِ پنهنجو تعميري ۽ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته افغان اڳواڻ پنهنجي گڏيل اختلافن جي خاتمي ۽ جامع سياسي تصفيه لاءِ جاري ڳالهين مان فائدو کڻندا. شاه محمود قريشي چيو ته ڪابل ۾ جاري ڳالهين جي ڪاميابي نه صرف افغانستان پر سڄي خطي لاءِ بهتري جو سبب بڻجندي. هن چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغان شهرين جي سيڪيورٽي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. پر??يه?? وزير عالمي برادري تي زور ڀريو ته اها افغانستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ افغانين کي معاشي معاونت جي فراهم لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته مسلم امت تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان لاءِ افغانستان يڪجهتي جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته اسان ڪابل ۾ هڪ اهڙي وسيع بنيادن واري حڪومت جا خواهشمند آهيون. پر??يه?? وزير سيڪريٽري جنرل کي افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر ڪيترين ئي ??من مخالف قوتن (اسپائيلرز) جي موجودگي جي خطري بابت به آگاهه ڪيو. پر??يه?? وزير ڪابل ۾ واپسيءَ جي منتظر مختلف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي ادارن جي ڪارڪنن ۽ ميڊيا نمائندن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان طرفان فراهم ڪيل معاونت بابت به آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پر??يه?? وزير کي ا?? 22 آگسٽ تي جده ۾ افغانستان جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ او آءِ سي جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس بابت آگاهه ڪيو.