اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اعليٰ تعليم جو فروغ ملڪ جي ترقي جي ??سيلو آهي، صوبن جي ??شاورت سان تعليم جي بجيٽ ۾ اضافي جو پڪو ارادو آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي ??روغ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزير شفقت محمود ۽ و??يراعظم ٽاسڪ فورس براءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ ا??رحمان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي ??قتي چيئرمين انجنيئر فاروق بزائي، ايڇ اي سي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، نياٽيل جي چيئرمين راشد خان، ٽيلي تعليم جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر اسد ڪريم ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت ٽاسڪ فورس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عطاءُ ا??رحمان اجلاس کي اعليٰ تعليم جي ??روغ جي ??اءِ ايڇ اي سي ک?? گهربل وسيلن ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني.