اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عال??ي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جو شمار عالمي سطح جي پهرين 4 وڏن سماجي تحفظ پ??وگرامن ۾ ڪرڻ تي خاص معاون سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته انهن کي اهو سنگ ميل مبارڪ هجي، اهي ان اعزاز ۽ عالمي پذيرائي جا پوري ط??ح حقدار هئا. اها ڳالهه هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چئي. وزيراعظم عمران خان عال??ي بئنڪ پاران احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام بابت رپورٽ پڻ شيئر ڪئي. عال??ي بئنڪ عالمي سطح تي ڪوويڊ 19 کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سماجي تحفظ پ??وگرامن تي ٻڌل هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي.