اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه عارف علوي لاهور ۾ والد جي هٿان ٻن معذور پٽن جي قتل جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته خصوصي ماڻهن جي ??دد ۽ انهن جو خاص خيال رکڻ سمورن طبقن جي ذميداري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب هن چيو ته والد جي هٿان ٻن معذور پٽن جي قتل جو دل ڏاريندڙ واق??و پڙهي تمام گهڻو ڏک ٿيو، اسان کي ان طرح جي واقعن کان بچڻ لاءِ خصوصي ماڻهن جي خاندانن جي ??دد جي ضرورت آهي.