اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آذربائيجان جي پرڏيهي ??زير جيهون بيراموف هتي مل??قا?? ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آذربائيجان جي قيادت ۽ عوام کي والاريل علائقو آزاد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ آزاد ڪرايل علائقن جي نئين سر تعمير ۽ ترقي ۾ پاڪستان جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم ميڊيا آ??يس مان جاري بيان ??وج?? مل??قا?? ۾ وزيراعظم بهترين ٻطرفي سياسي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو.